زندگيءَ جي گونج

زندگيءَ جي گونج

زندگيءَ جي گونج

زندگيءَ جي گونج (ڪتاب): هيءٌ سنڌ جي ناليواري مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌيءَ جي رومانوي توڙي مزاحمتي شاعريءَ تي مشتمل سندس زندگيءَ جو آخري ڪتاب آهي، هن ڪتاب ۾ غزل، نظم، آزاد نظم ۽ گيت شامل آهن. ڪتاب ۾ ’ڳالهيون پيٽ ورن ۾‘ جي عنوان سان سرڪش سنڌيءَ جو نوٽ به موجود آهي، جنهن ۾ هن زندگيءَ جي آخري گھڙين ۾ آيل تڪليفن تي ڀرپور روشني وڌي آهي، هن ڪتاب جو انتساب سندس خاندان جي فردن جي نالي ڪيل آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل مصور عبدالصمد ڀٽيءَ ٺاهيو آهي. بئڪ ٽائيٽل تي خالد چانڊئي جو رايو ڏنل آهي. 192 صفحن ڊيمي سائيز جي صفحن تي مشتمل پڪي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي، ڪتاب زخمي پبليڪيشن ڊکڻ، ضلعي شڪارپور جنوري 2011ع تي ڇپرائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو